اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)توانائيءَ واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي ته 57 سيڪڙو گهري??و صارفين جو گيس ٽيرف ناهي وڌايو و??و، ماهوار فڪسڊ چارجز 4 سؤ رپيا مقرر ڪيو و??و آهي جڏهن ته ٻين صارفين لاءِ ٽيرف استعمال جي حساب سان ٿيندو ۽ ڀاڻ سازي جي صنعت لاءِ گيس جي قيمتن ۾ تمام گهٽ اضافو ڪيو و??و، ملڪ ۾ انڊسٽريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسابقتي ماحول پيدا ڪيو آهي. نگران وفاقي وزير سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گيس جي قيمتن ۾ اضافو مشڪل فيصلو هو پر گيس جي قيمتن ۾ هاڻوڪي اضافي ??ان پيٽروليم سيڪٽر جي گردشي قرضن ۾ اضافو رڪجي ويو آهي ۽ هاڻ گيس سيڪٽر ۾ نقصان نه ٿيندو. هن چيو ته گذريل 10 سالن کان گيس جي قيمتن ۾ اضافو ناهي ڪيو و??و، گيس قيمتن ۾ اضافو ملڪ جي مفاد ۾ ڪيو و??و، گيس جي قيمت خريد ۽ عوام کي ڏني ويندڙ قيمتن ۾ تمام وڏو فرق آهي، جيڪڏهن گيس جون قيمتون نه وڌايون ها ته هن سال 400 ارب رپين جو نقصان کڻون ٿا. هن چيو ته گهٽ گيس استعمال ڪندڙ 57 سيڪڙو گهري??و صارفين لاءِ گيس جي قيمت 1300 رپيا ٿيندي، حڪومت هاڻ به گهري??و صارفين کي 139 ارب رپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي، 93 سيڪڙو گهري??و صارفين کي هاڻ به گيس قيمت خريد کان سستي فراهم ٿيندي. توانائي واري وزير چيو ته ملڪ کي نقصان کان بچائڻ لاءِ گيس جون قيمتون وڌائڻيون پيون، گذريل ڪيترن ئي سالن قيمتون نه وڌائڻ ??بب اسان کي مجبور هاڻ وڌيڪ قيمتون وڌائڻون پئجي رهيون آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 10 سالن ۾ گيس جي وڏين ڪمپنين کي 879 ارب رپين جو نقصان ٿيو جڏهن ته پوري گيس سيڪٽر جو نقصان 2100 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته تندور وارن گيس ڪنيڪشنز ۾ واڌ ناهي ٿي ڇاڪاڻ ته ان سان عوام تي بار پوندو، تندورن لاءِ گيس جي مد ۾ 2 ارب رپيا سبسڊي ڏني پئي وڃي.انڊسٽريءَ کي گيس جي قيمت خطي جي ملڪن جي برابر هوندي، انڊسٽريز ۾ پُراڻن ۽ نَون ڪنيڪشنز لاءِ قيمتن ۾ فرق هو جنهن کي ختم ڪيو و??و آهي ته جيئن نئين انڊسٽري کي هٿي ملي. آبادگارن تي بار نه وجهڻ لاءِ فرٽيلائيزر سيڪٽر لاءِ گيس جي قيمتون ناهن وڌايون، ڀاڻ صنعت لاءِ 45 ارب رپيا سبسڊي هوندي. هن چيو ته جيڪو وڌيڪ گيس استعمال ڪندو ان جو اوترو ئي ريٽ وڌايو و??و آهي جڏهن ته 93 سيڪڙو صارفي ??ن اضافي ??عد به گيس جي قيمت خريد کان گهٽ ادا ڪندا. توانائي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي پاور ۽ پيٽروليم سيڪٽر بابت هدف مڪمل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل 10 سالن کان گيس جي ذخيرن مان گهٽتائي اچي رهي آهي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ آر ايل اين جي گُهرائي ويندي آهي، ماضيءَ ۾ گيسن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وڃي ها ته اڄ اضافو نه ڪرڻو پوي ها. هن چيو ته گيس جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪئي وڃي ها ته گردشي قرض وڌي وڃن ها ان لاءِ قيمتون وڌائڻ اڻٽر هو. هن چيو ته گيس گُهرائڻ سان بل ۾ واڌ ٿئي ٿي ان لاءِ ان نقصان ??بب بجيٽ خسارو به وڌي رهيو هو، گذريل هڪ مهيني کان مهانگائي ڪنٽرول ۾ اچي رهي آهي، مستقبل ۾ جنهن قيمت تي گيس خريد ڪري رهيا آهيون ان تي وِڪرو ڪنداسين ۽ پراڻي ۽ نئين انڊسٽري لاءِ گيس جا اگهه برابر هوندا. توانائي واري وفاقي وزير تفصيل ٻُڌائيندي چيو ته هن وقت ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ گيس جا ڪنيڪشن آهن، هڪ ڪروڙ گهرن ۾ 57 لک ڪنيڪشنز جو ٽيرف ناهي وڌايو و??و. هن چيو ته 57 سيڪڙو گهر مجموعي طور تي 31 سيڪڙو گيس استعمال ڪن ٿا ۽ 11 سيڪڙو ادائگيون ٿين ٿيون، امير طبقي جا ڪنيڪشن 3 سيڪڙو آهن، هو 17 سيڪڙو گيس استعمال ڪن ٿا، انهن جي بلنگ 39 سيڪڙو هوندي، هن چيو ته نَون ۽ـ پُراڻن صنعتن کي هڪجهڙن اگهن گيس مهيا ٿيندي.
متعلقہ مضامین
-
SC issues notice to AGP in loan write off case
-
Alleged gangster among six suspects held in Karachi
-
Pakistani humanitarian gets award at Global Donors Forum in Istanbul
-
Police communication system launched in capital
-
At 900-year-old Hindu temple, PM reaches out to minorities
-
HESCO blamed for pressurising readers to manipulate readings
-
بی این جی الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل رہنمائی
-
الیکٹرانک پی پی آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک کی مکمل رہنمائی
-
جلی الیکٹرانکس کی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفصیلات اور خصوصیات
-
ساؤتھ ویسٹ لاٹری کی معروف تفریحی ویب سائٹ
-
Hula ایپ ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ | Hula APP Download Official Website
-
AFB Electronic ایپ ڈاؤن لوڈ داخلہ اور استعمال کی مکمل گائیڈ