اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي لاءِ ٺوس ترقياتي پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر شاهه گل آفريدي جي قيادت ۾ انضمام ٿيل ضلعن جي سياسي اڳواڻن جي 7 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد مسلم ليگ (ن) جي انضمام ٿيل ضلعن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن کانپوءِ فاٽا جو قانونسازي جي ذريعي انضمام ممڪن ٿي سگهيو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته گذريل حڪومت جي چار سالن ۾ انضمام ٿيل ضلعن جي ت??قي کي نظرانداز ڪيو ويو جنهن جي ڪري جيڪا منصوبابندي مسلم ليگ (ن) جي قيادت انهن ضلعن جي حوالي سان ٺاهي هئي ان تي عملدرآمد نه ڪيو ويو. وزيراعظم شر??ت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته موجوده حڪومت ۽ خاص طور تي وزيراعظم پاڻ انضمام ٿيل ضلعن جي ت??قي ۽ خوشحالي کي قومي ت??جيح جو درجو ڏي ٿو. وفد وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪندي پشاور ۾ پاڻي جي شديد مسئلي بابت آگاهه ڪيو. وفد پاڙيسري ملڪ افغانستان سان واڳيل سرحدي علائقن ۾ واپار جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان حوالي سان اهڙن قدمن جي خاطري ڪرائي جنهن سان سرحد جي ٻنهي طرفن جي علائقن جي ماڻهن جي زندگي ۾ گڏيل واپار سان بهتري ايندي. وزيراعظم شر??ت ڪندڙن کي ان حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ خصوصي ت??قياتي پئڪيج جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
160 Sri Lankan students get Jinnah scholarships
-
Ignorance of law not excuse of polluting environment: EPA
-
Controversial news a matter of national security, not childs play: Nisar
-
ایم جی کارڈ گیم تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
اسپن آف لائف آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ اور تفصیلات
-
بی ایس پی کارڈ گیم ریلائیبلٹی انٹرٹینمنٹ اے پی پی کا تعارف
-
AFB Electronic Integrity Entertainment App: تفریح کی دنیا میں ایک نیا انقلاب
-
الیکٹرانک جانچ کے سرکاری ڈاؤن لوڈ لنکس
-
جنوب مشرقی آن لائن ایپ تفریحی ویب سائٹ: نئے دور کی تفریح کا پلیٹ فارم
-
Hula App ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ مکمل معلومات اور استعمال کا طریقہ
-
بٹر فلائی ایپ گیم ڈاؤن لوڈ کریں
-
T1 الیکٹرانک ایپ گیم ویب سائٹ: گیمنگ کا نیا تجربہ