اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف پارٽي ۾ تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جا رخ مختلف ۽ اختلاف کلي سامهون اچي چڪا آهن، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحريڪ ۾ زور پيدا ٿيڻ بدر??ن مايوسي ۽ شڪست وارو ماحول اڀري رهيو ??هي، نواز شريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، مريم ۽ بلاول سميت سموري مخالف ڌر پنهنجو پاڻ ??ي قانون ک??ن مٿانهون سمجهي ٿي، مخالف ڌر ٻٽي معيار بدران فيصلو ڪري ته انهن کي اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻي آهي يا ضمني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻو آهي، مولانا فضل الرحمان سدائين غيرجمهوري طريقا استعمال ڪيا انهي لاءِ اڄ ان جي پارٽي جي اهم اڳواڻن بغاوت جو عَلم بلند ڪري ڇڏيو ??هي، وف??قي ڪابينا ڇهين آدمشماري ۽ هائوسنگ سينس 2017ع رپورٽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي حتمي منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي اجازت، زرعي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم سازي ۽ سيڙپڪاري بورڊ ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزير جي شموليت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.
متعلقہ مضامین
-
Poliovirus ‘detected’ in Azad Kashmir’s sewerage
-
Pakistan calls Nowruz a time of ‘renewal, togetherness’ at NY ceremony
-
PPP leaders, workers call on President; discuss development projects
-
FAO launches food security initiative in Balochistan
-
Sajid Sadpara scales world’s 7th highest peak without oxygen
-
افسانوی بندر بادشاہ کی سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Swiss envoy calls on Pakhtunkhwa CM
-
Mirwaiz urges Pakistan, India to include Kashmiris in talks
-
Bhutto ended Kashmir’s thousand-year war with Shimla accord
-
PM Nawaz falls sick due to leg infection
-
At least 33 killed in Brazil prison: government
-
Membership of 17 MNAs, MPAs still stands suspended