اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سول ڊرون ٽيڪنالاجي جي فروغ، ترقي ۽ ان اهم شعبي کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ ڊرون اٿار??ي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سول ڊرون اٿارٽي وٽ ڊرون ٽيڪنالاجي کي ريگيوليٽ ڪرڻ، لائيسنس جاري ڪرڻ، امپورٽ ۽ ملڪ ۾ پيداوار جي اجازت ڏيڻ جا اختيار هوندا، اٿارٽي ڊرونز جي مينوفيڪچرنگ، آپريشنز، ٽريننگ ۽ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي حوالي سان ذميواريون سرانجام ڏيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اٿارٽي کي ڏنڊ ۽ سزا، لائيسنسن کي ملتوي ڪرڻ ۽ قانوني چاره جوئي جا اختيار پڻ حاصل هوندا. ايوي ايشن ڊويزن جو سيڪريٽري اٿارٽي جو سربراهه هوندو. ٻين ميمبرن ۾ ايئر فورس، سول ايوي ايشن، دفاعي پيداوار، گهرو معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جا سينيئر ليول آفيسر شامل هوندا. سمورين وفاقي ڌرين ??شمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان به هڪ هڪ نمائندو شامل هوندو. ان کانسواءِ شعبي جا ٽي ماهر پڻ اٿارٽي جو حصو هوندا. اٿارٽي ۾ سمورين ڌرين ??ي شموليت اٿارٽي جا فرض سرانجام ڏيڻ ۽ ادارن جي وچ ۾ بهترين ڪوآرڊينيشن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڊرون ٽيڪنالاجي کي ڪمرشل، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، ايگريڪلچر ۽ ٻين پرامن مقصدن جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اٿار??ي قائم ڪرڻ سان نه رڳو ان حوالي سان موجود خال کي ڀري سگهبو جيڪو ڊرون جي حوالي سان ڪو قانون نه هجڻ جي ڪري موجود آهي پر هي اٿارٽي ڊرون ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ ان جي ملڪ ۾ پيداوار ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي، ڊرون ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال سان وسيلن جو موثر استعمال ۽ سروس ڊيليوري ۾ بهتري ۾ مدد ملندي.
متعلقہ مضامین
-
SC issues notice to AGP in loan write off case
-
Alleged gangster among six suspects held in Karachi
-
Pakistani humanitarian gets award at Global Donors Forum in Istanbul
-
Police communication system launched in capital
-
At 900-year-old Hindu temple, PM reaches out to minorities
-
HESCO blamed for pressurising readers to manipulate readings
-
بی این جی الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل رہنمائی
-
الیکٹرانک پی پی آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک کی مکمل رہنمائی
-
جلی الیکٹرانکس کی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفصیلات اور خصوصیات
-
ساؤتھ ویسٹ لاٹری کی معروف تفریحی ویب سائٹ
-
Hula ایپ ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ | Hula APP Download Official Website
-
AFB Electronic ایپ ڈاؤن لوڈ داخلہ اور استعمال کی مکمل گائیڈ