اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ ۾ 72 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثانيه نشتر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ثانيه نشتر ۽ ٻين سينيٽرن تمام اهم نقطا اٿاريا آهن، پارليامينٽ جي گڏيل ڏاهپ سان حڪومت کي رهنمائي ملي ٿي. سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ تجويزون تمام سٺيون آهن، ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته ??ن وقت ڪڻڪ جا ذخيرا پنجاب ۾ 39 لک 24 هزار 367 ميٽرڪ ٽن، سنڌ ۾ 8 لک 17 هزار 394 ميٽرڪ ٽن، خيبرپ??تو??خواهه ۾ 2 لک 15 هزار 82 ميٽرڪ ٽن، بلوچستان ۾ 89 هزار 354 ميٽرڪ ٽن، پاسڪو وٽ 17 لک 18 هزار 177 ميٽرڪ ٽن موجود آهي، جيڪو مجموعي طور تي 67 لک 64 هزار 374 ميٽرڪ ٽن آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي نجي ذخيرن ۾ پنجاب ۾ 3 لک 37 هزار 270 ميٽرڪ ٽن، سنڌ وٽ 93 هزار 165 ميٽرڪ ٽن، خيبرپ??تو??خواهه وٽ 14 هزار 918 ميٽرڪ ٽن، بلوچستان وٽ 4 هزار 167 ميٽرڪ ٽن جيڪو مجموعي طور تي 4 لک 49 هزار 510 ميٽرڪ ٽن بڻجي ٿو. هن چيو ته درآمد ٿيندڙ پرائيويٽ اسٽاڪ ۾ 10 لک 33 هزار 845 ميٽرڪ ٽن آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي ۽ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي. صوبن ۾ ا??دا??ي قيمت مختلف آهي. پنجاب ۾ اها 4 هزار 600 ۽ سنڌ ۾ 4 هزار 700 رپيا في مڻ آهي. ان کان اڳ رٿ تي سينيٽر ثانيه نشتر، سينيٽر دلاور خان، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدر??، سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهرورد??، سينيٽر حاجي هدايت الله ۽ سينيٽر رخسانه زبيري به خيالن جو اظهار ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Qianche Official Entertainment - تفریح کی سرکاری ویب سائٹ
-
خوشحال جیولری اینٹرٹینمنٹ کا سرکاری داخلہ
-
Census postponed with consensus among provinces
-
SBP announces bank holidays from July 5 to 8
-
General Qamar Javed Bajwa appointed new army chief
-
ایم جی کارڈ گیم آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف
-
ایم جی الیکٹرانکس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کی مکمل رہنمائی
-
جنوب مشرقی آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ کی مکمل رہنمائی
-
شمال مشرقی الیکٹرانکس انٹیگریٹیڈ انٹرٹینمنٹ لنک: ٹیکنالوجی اور تفریح کا جدید سنگم
-
AFB Electronic Integrity Entertainment App: تفریح کی دنیا میں ایک نیا انقلاب
-
الیکٹرانک پروب کی سرکاری ڈاؤن لوڈ لنک
-
جنوب مشرقی آن لائن ایپ تفریح ویب سائٹ: نئے دور کی تفریح کا مرکز