سرينگر-03 آگسٽ (اي پي پي)ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آ??ن جن ذريعي ماڻهن تي زور ڀريو ويو آهي، ته هو 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير ڪاري ڏهاڙي طور ملهائن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نريندر مودي جي قيادت هيٺ بي جي پي جي هندو پرست ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي آئين جي 370 ۽ 35 اي شقن کي رد ڪري ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي. ان غير قانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائي خلاف ڪشميرين جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ س??ي والاريل علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو ويو هو ۽ ڪشمير وادي، ڄمون ۽ لداخ ۾ 500 ڏينهن کان وڌيڪ وقت تائين انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروسز معطل ڪيون ويون هيون. پوسٽرن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خان جون تصويرون موجود آهن. پوسٽرن ۾ لکيل آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس وٺڻ، ??ڏي?? قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جي حل، سمورن سياسي نظربندن جي آزادي ۽ ڀارتي فوجين طرفان والاريل علائقي ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. پوسٽر سماجي رابطن جي سائٽن ٽوئٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ وغيره تي پڻ اپلوڊ ڪيا ويا آ??ن.
متعلقہ مضامین
-
افسانوی بندر بادشاہ کی سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Swiss envoy calls on Pakhtunkhwa CM
-
Mirwaiz urges Pakistan, India to include Kashmiris in talks
-
Bhutto ended Kashmir’s thousand-year war with Shimla accord
-
PM Nawaz falls sick due to leg infection
-
At least 33 killed in Brazil prison: government
-
Membership of 17 MNAs, MPAs still stands suspended
-
Electronic Probe Entertainment کی سرکاری ویب سائٹ
-
گورنر آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک: آسان اور محفوظ طریقہ
-
سبز مرچ کی سرکاری ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ
-
اسپن آف لائف: تفریح کا بہترین آن لائن پلیٹ فارم
-
شمال مشرقی الیکٹرانکس ٹرسٹ بیٹنگ پلیٹ فارم کی جدید سہولیات اور کارکردگی