اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پر??يز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاد رياست جي 75هين تاسيس ڏهاڙي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڪشميري عوام آزادي جي جدوجهد جي ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو بنياد رکيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو بنياد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪشميري عوام ڀارتي قبضي کان آزادي چاهي ٿي. ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جو سفر اڃا ج??ري آهي. ڪشميري عوام پنهنجي خودمخت??ار?? جي حق لاءِ بي مثال قرب??ني??ن ڏنيون آهن. اسپيڪر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشميري عوام جي خودمخت??ار?? جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت لکين غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل ج??ري ڪري گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. ڀارت غيررياستي رهواسين کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊوميسائيل ج??ري ڪري مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري دنيا جي هر فورم تي ڪشميرين جي حقن لاءِ ڀرپور طريقي سان آواز بلند ڪري رهيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڀارتي حڪومت جي رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ پارليامينٽ سدائين ڪشمير جو ڪيس هر فورم تي ڀرپور انداز ۾ وڙهيو آهي. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ضروري آهي.
متعلقہ مضامین
-
Judicial commission approves four retired judges as new members
-
Operation Bunyān Marsūs: Pakistan air force owns Five Indian Jets, Details Emerge
-
سلاٹ مشین آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ
-
SC issues notice to AGP in loan write off case
-
Alleged gangster among six suspects held in Karachi
-
Pakistani humanitarian gets award at Global Donors Forum in Istanbul
-
Police communication system launched in capital
-
At 900-year-old Hindu temple, PM reaches out to minorities
-
HESCO blamed for pressurising readers to manipulate readings
-
بی این جی الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل رہنمائی
-
الیکٹرانک پی پی آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک کی مکمل رہنمائی
-
جلی الیکٹرانکس کی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفصیلات اور خصوصیات