لاهور-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود ا??مد خان چيو آهي ته ٽي??نا??اجي حاصل ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، مستقبل جي معيشت جو دارومدار ٽي??نا??اجي تي آهي، ??ڪو??ت نوجوانن کي جديد علم سيکارڻ لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ آءِ پيڪ فائونڊيش جي انتظام هيٺ ”اينيوئل والنٽيئر ڪانگريس 2024ع“ ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. راڻا مشهود ا??مد خان چيو ته م??يشت جو دارومدار ٽي??نا??اجي تي آهي، سڄي دنيا آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام اڳيان نڪري وئي آهي، اسان جي نئين نسل کي ٽي??نا??اجي جي ميدان ۾ اڳيان اچڻو پوندو. پاڪستان هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهي، جتي جديد ترين ٽي??نا??اجي کي اختيار ڪرڻ ۾ پويان رهڻ برداشت نٿو ڪري سگهجي، دنيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر شعبي ۾ ٽي??نا??اجي متعارف ڪرائڻي پوندي. هن چيو ته تعليم ۽ تربيت جي شعبي ۾ ٽي??نا??اجي جي استعمال سان شاگردن جي قابليت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، ??ڪو??ت جديد ٽي??نا??اجي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن نوجوان نسل کي نيون مهارتون حاصل ٿين ۽ معيشت ۾ بهتري اچي. سندس چوڻ هو ته ٽي??نا??اجي جو استعمال صحت، زراعت ۽ ٻين اهم شعبن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ضروري آهي. رانا مشهود ا??مد خان چيو ته جديد ٽي??نا??اجيز صنعتن ۾ انقلاب آڻڻ، فيصله سازي جي عمل کي وڌائڻ ۽ نوان اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، ٽي??نا??اجي ۾ ماهر نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، ڊجيٽل ايڪسپورٽ ۾ واڌ لاءِ نوجوانن کي تيار ڪرڻ ??ڪو??ت جي پهرين ترجيح آهي ته جيئن هو نه صرف پنهنجي لاءِ ڪمائيءَ جا سُٺا وسيلا ڳولي سگهن پر ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ مُک ڪردار ادا ڪرڻ ۾ به انهن جي مدد ڪري سگهن. موسمياتي تبديلين جي خطرن جي باري ۾ هن چيو ته پاڪستان جو ماحولياتي آلودگيءَ ۾ عالمي سطح تي حصو نسبتن گهٽ آهي پر ملڪ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سخت متاثر آهي. هن چيو ته هلندڙ سال 2 لک کان وڌيڪ نيشنل والنٽيئرن کي تربيت ڏني پئي وڃي ته جيئن ماحولياتي گدلاڻ تي ضابطو آڻي سگهجي. هن جديد ٽي??نا??اجي جي استعمال جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ادارن ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي ڏئي سگهجي ۽ عوام کي بهتر خدمتون فراهم ڪري سگهجن. رانا مشهود ا??مد خان ان حوالي سان ??ڪو??ت جي ڪوششن جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اها تبديلي پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي، ??ڪو??ت آفيسن کي پيپر ليس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان قدم سان ڪم جي رفتار ۾ بهتري ايندي ۽ شفافيت وڌندي. هن وضاحت ڪئي ته پيپر ليس نظام اختيار ڪرڻ سان نه صرف ڪاغذ جي بچت ٿيندي پر عوامي خدمتن جي فراهميءَ ۾ به بهتري ايندي. رانا مشهود ملائيشيا جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دؤري جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ان ملاقات کي ٻه طرفي لاڳاپن ۾ بهتري جو موقعو قرار ڏنو. هن چيو ته اهو دؤرو اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم آهي. رانا مشهور ا??مد خان شاگردن کي چيو ته هو پنهنجي قابليت کي نکارين ۽ پاڻ کي جديد چئلينجز لاءِ تيار ڪن. هن نوجوانن کي موقعن جي استعمال ۽ معاشرتي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏني. رانا مشهور ا??مد ايس سي او سمٽ ڪانفرنس جي رٿجڻ جي باري ۾ چيو ته ڪانفرنس ۾ مخلتف ميمبر ملڪن جا اڳواڻ گڏجي عالمي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمتي عملي تي خيالن جي مٽاسٽا ڪن، هي پاڪستان لاءِ هڪ اهم موقعو آهي جنهن سان ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ بهتري ايندي. اها ڪانفرنس پاڪستان جي عالمي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ ۽ خطي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ??ڪو??ت ان ايونٽ جي ڪاميابيءَ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي. ان موقعي تي هن اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. ان موقعي تي رانا مشهود ا??مد خان کي سوينيئر پيش ڪيو ويو.
متعلقہ مضامین
-
Free laptop scheme distribution schedule announced
-
India to develop fighter jet engines with French company
-
New Zealand PM participates in Pakistan Independence Day celebration
-
IMF urges Pakistan to meet revenue shortfall amid loan talks
-
Tessori announces plots for families of those killed by heavy vehicles
-
Pakistan secures prominent seat in global human rights leadership
-
Larkana: no dialysis machines available for Hepatitis B patients
-
Altafs statements ridicule him and the entire party: Sattar
-
Pakistan, Russia set to hold first-ever joint military exercises
-
Karachi mayor granted bail in terrorists treatment case
-
ATC grants seven-day physical remand of alleged militant
-
لکی ڈریگن آفیشل گیمنگ پلیٹ فارم