اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريا??، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ناليواري اداڪار مظهر علي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي ??يو ته اداڪار مظهر علي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن ??يو ته اڄ اسان هڪ عظيم فنڪار ۽ هڪ محترم انسان کي وڃائي ويٺا آهيون. مظهر علي پنهنجي فني صلاحيتن جي جادُو سان اسان کي جڪڙي رکيو ۽ پنهنجي اداڪاري سان اسان جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو. هن ??يو ته مظهر علي جي لاڏاڻي سان پاڪستاني ڊراما انڊسٽري کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش