اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ عورت اڳواڻن چيو آهي ته 5 آگست 2019ع ڪشميرين جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت جي تبديلي جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي، ان قدم جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا، 10 لک هٿياربن?? فوج جي موجودگي جي ب??وجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد تان هڪ قدم پٺتي نه هٽائي سگهيو. اي پي پي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي قانونساز اسيمبلي جي ميمبر سح??ش قمر چيو ته 5 آگسٽ کانپوءِ ڪشمير ۾ تاريخ جو بدترين ڪرفيو آهي، 10 لک فوج معصوم ڪشميرين جو گهيراءُ ڪري رکيو آهي، عدالت کان مٿانهون قتلام آهي. هن چيو ته عالمي ب??ادري ڪشمير ۾ ڀارت جي گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف قدم جو نوٽيس وٺي. ڀارت ڄاڻي وٺي طاقت جي زور تي ڪشميرين کي وڌيڪ دير تائين غلام نه ٿو رکي سگهجي. جماعت اسلامي عورتن جي اڳواڻ ۽ قانونساز اسيمبلي جي ميمبر رفعت عزيز چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي ۽ انڊين آئين ۾ ترميم ڪندي شق 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري والاريل ڪشمير کي انڊين يونين ۾ ضم ڪري ڇڏيو ان سان گڏ ئي پوري واديءَ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو هنيو ويو، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي ۽ ڪشميرين تي ڏاڍ ۽ تشدد جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو، پوري واديءَ گڏيل جيل خاني ۾ تبديل ٿي وئي، گهرن جي اندر ٽوڙ ڦوڙ، عورتن جي بي حرمتي، نوجوانن تي ب??ترين تشدد، اغوا ۽ گم ڪرڻ جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هندوئن جي آبادي جي منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ هڪ سال گذرڻ جي ب??وجود جاري آهي. رفعت عزيز چيو ته سموري ڏاڍ ۽ تشدد ۽ بي رحماڻي ظلم جي ب??وجود ڀارت آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي، ان دوران گڏيل قومن ۽ عالمي ب??ادري جو ڪردار انتهائي افسوسناڪ رهيو، ڪشمير ۾ انساني حقن جي ب??ترين پائمالين جي خلاف ورزين جون رپورٽون منظرعام تي اچي ويون پر ڪشميرين جي مدد جا ڪا حڪمت عملي ڪنهن به سطح تي نه آندي وئي.
متعلقہ مضامین
-
Fortune Forge سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Turkey to learn handling of refugees from Pakistan, others
-
Five hours long electricity breakdown in Karachi
-
PMs open-heart surgery successful; shifted to ICU
-
Committee to investigate MI-17 crash landing: Afghan presidential palace
-
LHC seeks detailed report on action against Altaf by Dec 7
-
11 year old sues president house officials over plagiarism
-
December last month of PM Nawaz in power: Naeemul Haq
-
Maryam rubbishes Imrans allegations, submits documents in SC
-
Govt should link CPEC with freedom of Kashmir: Hafiz Saeed
-
الیکٹرانک پی پی آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک کی مکمل رہنمائی
-
گورنر آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک: آسان اور محفوظ طریقہ