اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ??هي ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي وقت سر منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت ايندڙ چونڊن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مولانا فضل الرحمان جي سَسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ??ه نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون وقت سر منعقد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري. هن چيو ??ه اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اسان خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ چاهيون ٿا. مولانا فضل الرحمان معاشي مسئلن جي حل لاءِ نگران حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ۽ چونڊ عمل ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.
متعلقہ مضامین
-
کینڈی برسٹ آفیشل تفریح ایپ
-
فائٹنگ کاک ٹرسٹ بیٹنگ ایپ کا تعارف
-
Prelude to Nov 2
-
AG آن لائن تفریح کی سرکاری ویب سائٹ
-
UG Sports Rasmi Game Download Ka Mukammal Guide
-
لکی راٹ آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ مکمل تفصیلات اور مراحل
-
این ایس الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
بی این جی الیکٹرانک آفیشل گیم ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
گولڈن جیم اسٹون انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ کا داخلہ اور اس کی خصوصیات
-
بی ایس پی کارڈ گیم ریلائیبلٹی انٹرٹینمنٹ اے پی پی کا تعارف
-
باکارا آفیشل ڈاؤنلوڈ انٹریس: محفوظ اور آسان گیمنگ کا تجربہ
-
جوکر وائلڈ آفیشل ڈاؤن لوڈ انٹریس