اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاقي ڪابينا جو سڀاڻي اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، هي ڪهڙو حسن اتفاق آهي ته جنهن نوٽري نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي تصديق ڪئي اهو ئي راڻا شميم جي بيان جي به تصديق ڪري رهيو آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز ج?? سزائن جي خلاف اپيلن تي فيصلو جڏهن اچڻ وارو آهي ان وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش عدليه تي هڪ تمام و??و حملو آهي جيڪو شريف خاندان پاران ڪيو ويو آهي، (ن) ليگ جي ناصر بٽ وغيره جج ارشد ملڪ جي جيڪا وڊيو ٺاهي هئي اڄ تائين ان کي بطور ثبوت ڇو عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي. هو وزيراعظم هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته غلط بياني ۽ دوکيبازي (ن) ليگ جو شيوو آهي، (ن) ليگ ماضي ۾ عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن چيو ته (ن) ليگ جا پراڻا طور طريقا هاڻي نه هلندا، ارشد ملڪ جي وڊيو اڄ تائين عدالتن ۾ جمع ناهي ڪرائي وئي. هن چيو ته پاڪستان جي عدليه آزاد آهي، وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي آهي، اسان اتحادين کي سدائين گڏ کڻي هليو آهي، اسان جا اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، چونڊ سڌارن ۾ اتحادي اسان سان گڏ بيٺل آهن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سدائين جي لاءِ چونڊ ڌانڌلي جو رستو روڪڻ وڃي رهي آهي.
متعلقہ مضامین
-
4 labourers from Punjab shot dead in Kalat
-
Balochistan govt warns of detaining Akhtar Mengal if march enters Quetta
-
Hungary announces 400 scholarships for Pakistani students
-
شمال مشرقی الیکٹرانکس آفیشل گیم پلیٹ فارم
-
13 faint after consuming toxic lassi in DG Khan
-
ATC orders removing terrorism-related clauses from Barrister Fahad murder case
-
UG Sports Official Game Platform Download - Puri Tafseel
-
GEM الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ انٹری: نئی ٹیکنالوجی کی روشنی میں تفریح کا انقلاب
-
ایم جی کارڈ گیم آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف
-
بی ایس پی کارڈ گیم آفیشل پورٹل: ایک دلچسپ اور پرتجسس کھیل کی دنیا
-
گولڈن جیم اسٹون انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ کا داخلہ اور اس کی خصوصیات
-
رائل کروز مائشٹھیت بیٹنگ کا شاندار داخلہ اور تفصیلات